امرت منجهه ڪڙاڻ - ڪتاب

امرت منجهه ڪڙاڻ - ڪتاب

امرت منجهه ڪڙاڻ

امرت منجهه ڪڙاڻ (ڪتاب ): سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار خاتون تنوير جوڻيجو جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’امرت منجهه ڪڙاڻ‘، 1978ع ۾، آگم پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد ڇپيو هو. 144 صفحن تي مشتمل ڪهاڻين جي هن ڪتاب ۾ تنوير جوڻيجو جون 12 ڪهاڻيون شامل آهن، جن ۾ صديون پراڻي سنڌي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ سلوڪ جي خارجي ۽ داخلي نفسياتي رخن جي اُپٽار ٿيل آهي. عورت، جيڪا جنم جنم کان هن ڪوڙهئي سماج کي پنهنجي رت جي ريج، صلاحيتن ۽ پورهئي سان ٺاهيندي آئي آهي، ان جي موٽ ۾ کيس ڇا مليو آهي؟ تنوير جي ڪهاڻين ۾ اُن سوال جي جواب جو عڪس آهي. هن پڪي جلد واري ڪهاڻين جي مجموعي جي قيمت 9 رپيا آهي. هن ڪتاب جي خاص خوبي اها آهي ته هر ڪهاڻيءَ تي ڪنهن نامور مصور جو اسڪيچ ٺهيل آهي. اهڙن مصورن ۾ قيس ابڙو، سارنگ، طارق عالم، منصور عالم، فتاح ۽ رضوان شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو